Sunday, 16 October 2016
ٽوڙهي ڦاٽڪ ۽ سنڌ جي قومي آزادي
17 آڪتوبر 1984ع ضياءُ جي مارشل لا جو عروج سڄي سنڌ احتجاج ۽ غم و غصي ۾ ورتل ۽ ان غم ۽ غصي جو سبب سنڌ تي مڙهيل قومي غلامي ۽ هلندڙ جبر خلاف لاشعوري اظهار جيڪو اظهار شعوري حيثيت ڀٽي جي ڦاهي تي سنڌي قوم جي ڪاوڙ جي طور تي اظهاريو حر بغاوت کان پوءِ نهتن ننڌڻڪن سنڌي ماڻهن جي پهرين بغاوت پر ان جا رخ تبديل هجڻ ۽ اها بغاوت فقط ۽ فقط جاگيردارن جي ڪوڙي نام نهاد جمهوريت جي بحالي لاءِ هجڻ جي ڪري سائين جي ايم سيد جو ان ايم آر ڊي کي ڪفن چورن جي تحريڪ سڏڻ پر سنڌي قوم جي نسل ڪشي جو عروج ۽ انتها اها تحريڪ جنهن دوران تقريب 1400 بيگناھ سنڌين جو قتلام پر ان سڄي عرصي منجھ اهو هڪ واقعو آهي جنهن جي لاءِ سنڌ منجھ هڪ منفي پروپيگنڊا جو ماحول جوڙيو ويو تہ جي ايم سيد نوجوان مارائي ڇڏيا 17 آڪٽوبر جو اهو ڏينهن سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد هٿين خالي چانڊڪا يونيورسٽي ۾ پيغام لطيف جي عنوان هيٺ ٿيندڙ پروگرام ۾ شرڪت لاءِ تياري ڪري نڪرن ٿا ڪنهن کي ڪهڙي خبر تہ انهن کي سن ويجهو ٽوڙهي ڦاٽڪ جي ميدان وٽ بيهاري آرمي جي هڪڙي پوري بٽالين ائيب بيدردي سان گولين سان پروڻ ڪندي جنهن منجھ شهيد امان الله وسطڙو، شهيد زڪريا ميمڻ، شهيد مٺو بليدي، شهيد مالڪ خشڪ۽ شهيد انور عباسي شهيد ٿي ويندا سنڌ يونيورسٽي جي معصوم شاگردن کي ان بيدردي سان ماريو ويندو منهنجي هن مضمون جو لکڻ جو سبب فقط ۽ فقط شهيد جي ياد تازي ڪرڻ يا انهن کي چار يادگيرين جا گل نڇاور ڪرڻ نہ بلڪہ ان ڪڌي رياستي پروپيگنڊا تان پردو کڻڻ آهي جيڪا هر سامراجي رياست پاران هر ان انقلابي فرد تنظيم يا گروھ خلاف عوام منجھ لاٿي ويندي آهي جيڪو ان جي حقن ۽ آزادي جو حقيقي ترجمان هوندو آهي جيئن سائين جي ايم سيد جي حياتي ۽ ان جي شهادت کان پوءِ ان خلاف رياستي پروپيگنڊا اڄ تائين جاري ساري آهي تہ جي ايم سيد ماڻهون مارائي ڇڏيا ساڳي ريت سائين جي ايم سيد جي فڪر مطابق پنهنجي جدوجهد جا بنياد رکندڙ جماعت جسمم خلاف بہ رياست ساڳي ئي پروپيگنڊا جاري رکيو اچي تہ جسمم يا شفيع برفت ماڻهون مارائي ڇڏيا انقلابي جماعت يا تنظيم جي بنيادي زميواري هوندي آهي اها پنهنجي ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪري ۽ انهن جي وسيع عوامي حمايت سان سامراج کي شڪست ڏي ڇو تہ وڙهنديون پارٽيون نہ پر وڙهندو عوام آهي پارٽي فقط ان عوام کي متحرڪ ڪندڙ ان عوام کي آگاھ ڪندڙ يا ان عوام کي چرپر ۾ آڻيندڙ اوزار جو ڪم ڏيندي آهي گاڏي مان جيڪڏهن ان جي انجڻ ڪڍي ڇڏجي تہ اها گاڏي ڪنهن بہ ڪم جي نہ رهندي ڇو تہ هلڻ کان بيهجي ويندي ۽ پنهنجي اڳتي سفر نہ ڪري سگهندي ائين ۽ رياست پنهنجو ڪم ڪندي انقلابي ڌر ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي برقرار رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي رهي ٿي ٽوڙهي جي شهيدن جي واقعي کي سائين جي ايم سيد جي مٿان مڙهڻ اڄ جي جديد قومي مزاحمت جي شهيدن کي انهن جي ئي پارٽي جنهن جي لاءِ هنن شعوري طور تي شهادتون ڏنيون ان پارٽي ۽ ان جي مقصد منجھ ساھ ڦوڪيو ان خلاف واويلا ڪرڻ ۽ انهن تي الزام تراشيون ڪرائڻ اها رياست جي اولين ذميواري آهي رياست جي سمورا پروپيگنڊائي ذريعا ان مطابق ئي ڪم ڪن هاڻي سنڌي قوم ۽ ان جي باشعور فردن ۽ سوچيندڙ زهنن کي سمجهڻ گهرجي تہ وقت جي حقيقي گهرج وطن جي قومي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌر ۽ قومي آزادي جي جدوجهد ۾ پنهنجا سڀ لاڳاپا لاهي لهي پون اها ئي تاريخ جي تقاضا آهي ڇو تہ سائين جي ايم سيد چئي ويو آهي تہ پاڪستان رهندو تہ سنڌ نہ رهندي ۽ سنڌ رهندي تہ پاڪستان نہ رهندو اهي ٻئي هڪٻئي جو ضد آهن قومي آزادي ۽ قومي غلامي هڪٻئي جو دشمناڻون تضاد ۽ ضد ٿيندا آهن اهي افهام ۽ تفهيم سان ڪڏهن بہ تاريخ ۾ حل ناهن ٿيا غلام قوم کي پنهنجي قومي آزادي حاصل ڪرڻ وڏي قرباني ڏيڻي پوندي آهي اها ئي قومي آزادي ۽ انقلاب جي بنيادي تقاضا ۽ گهرج آهي.
پاڪستان چين اقتصادي راهداري ۽ سنڌين جي قومي وجود لاءِ درپيش خطرا
ان ڳالھ تي ڪي بہ ٻہ
رايا ناهن تہ سنڌ طويل قومي غلامي منجهان گذري رهي آهي، جنهن جيڪري سنڌ جون سرحدون
محفوظ ناهن، ڪير بہ ڪٿان بہ اچي سنڌ ۾ آباد ٿئي ٿو تہ ان کي ڪا جهل پل، يا ان لاءِ
ڪنهن بہ قسم جو ڪو بہ قانون ناهي، ۽ جڏهن بہ پنجابين کي پنهنجي مسلمان ڀائرن سان
ڪنهن بہ قسم جي ڪا بہ همدردي ڪرڻي هوندي آهي يا آباد ڪرڻو هوندو آهي تہ في سيبل
الله سنڌ جو موجود آهي وءِ اهو پنجاب ۽ ڪشمير منجھ آيل زلزلي جا متاثرين هجن يا
برما مان دربدر ٿيل مسلمان ڀائر هجن يا کڻي نام نهاد دهشتگردي خلاف هلندڙ پاڪستاني
فاشسٽ فوج جي آپريشن جا ستايل پٺاڻ هجن سڀني کي منظم طريقي سان سرڪاري سهائتا سان
سنڌ منجھ آباد ڪيو ويندو رهيو آهي اهي تہ رڳو گذريل 5 کان 6 سال جون ڪارگذاريون آهن
گذريل سٺ سالن کان تہ الاهي ڪيتري ڏتڙيل مخلوق سنڌ ۾ پاڙون پختيون ڪيون آهن ۽ هاڻي
تہ پاڪستان جي قانوني آبادي جي ڪنٽرول واري شعبي جي مطابق سنڌ ۾ اصلوڪا باشندا 52
سيڪڙو تہ ڌاريا وڃي 48 سيڪڙو تي پهتا آهن ۽ انهن اصلوڪن باشندن جي اقتصادي حالت
صفا ڪسمپرسي واري آهي ۽ تمام گهڻين تڪليفن منجھ زندگي جي گاڏي کي ڌڪن ٿا ڇو تہ سنڌ
جو سڄو اختيار راولپنڊي جي جي ايڇ ڪيو وٽ آهي جيڪو پاڪستان جي سڄي اڇي ڪاري جو
مالڪ آهي ۽ اهو ئي پنجاب جي استعماري ۽ سامراجي مفاد جو محافظ آهي جيڪو سمجهي ٿو
تہ جن قومن کي اسان مسلسل غلام بڻائي رکيو آهي، جن جي وسيلن جي ڦرلٽ پئي ڪئي
آخرڪار اهو جڏهن بہ سجاڳ ٿيو تہ رت جا دريا بہ پار ڪري بنگلاديش جيئان پنهنجي قومي
آزادي وڙهي بہ وٺندو انڪري هر سامراجي جيئان ان جي بہ اها حڪمت عملي آهي جيڪي
قومون ان وٽ غلام آهن سنڌي ۽ بلوچ انهن جي ڌرتي تي لکن ڪروڙن جي تعداد ۾ پنهنجي
آبادڪاري ڪري انهن جي شهرن تي قبضو ڪري انهن جي منڊين تي پنهنجو ضابطو قائم ڪري
انهن جي قومي وجود کي ماري انهن جي ڌرتي مستقل طور تي حاصل ڪجي، ڇو تہ سامراجي قوت
کي ڪنهن ڌرتي جي ماڻهن سان ڪابہ دلچسپي نہ هوندي آهي انهن جي دلچسپي صرف انهن قومن
جي ڌرتي ۽ انهن جا وسيلا هوندا آهن جنهن جي لاءِ پنجاب سامراج شروع کان وٺي رٿون
ٺاهيندو رهيو آهي ۽ انهن تي تيزي سان عمل بہ ڪندو رهيو آهي پر ويجهڙ ۾ ان لاءِ چين
سان ڀاڱي ڀائيواري ڪري پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا شروع ڪئي آهي، اقتصادي راهداري
سنڌ جي قومي وجود لاءِ ڪيئن خطرو اهو معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي اڳ ۾ اهو سمجهڻو
پوندو تہ اقتصادي راهداري آهي ڇا؟ اقتصادي راهداري ڪجھ رستا آهن جيڪي پاڪستان چين
سان گڏجي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان منجهان ٺاهيندو جيڪي وڃي چين جي صوبي سنڪ ڪيانگ جي
شهر ڪاشگر سان ملندا ۽ ان سان گڏوگڏ چين گوادر تي بندرگاھ تعمير ڪندو ۽ ڪراچي جي
بندرگاھ کي سڌاريندو جيئن ان رستي ذريعي چين آساني سان سعودي عرب، ايران ۽ عراق
کان تيل خريد ڪري سگهي ۽ ان کي آساني سان پنهنجي ملڪ تائين پڄائي سگهي ۽ انهن سان
گڏوگڏ وچ اوڀر جي رياستن تائين پنهنجي منڊي ۾ ٺهندڙ شين کي وڪڻي سگهي، چين کي اهو
رستو تعمير ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي؟ چين اڳ ۾ پنهنجي سڄي خريد و
فروخت عالمي منڊين سان ڏکڻ چيني سمنڊ منجهان ڪندو هيو جيڪو چين کي تمام گهڻو دير
بہ لڳائندو هيو ۽ مهانگو بہ پوندو ۽ اتي ئي جپان جيڪو چين جو روايتي حريف آهي ان
جي ڏکڻ چيني سمنڊ تي دعويٰ آهي تہ اهو ان جو آهي ۽ جنهن تي بہ چين جو جبري قبضو آهي نہ فقط جاپاني
پر ويٽنامي توڙي فلپائيني بہ چون ٿا تہ ڏکڻ چيني سمنڊ منجھ موجود ٻيٽ انهن جي ملڪن
کي ويجها آهن ۽ چين اتي پنهنجي فوجي سرگرمين کي ختم ڪري ۽ انهن ٻيٽن تان قبضو ختم
ڪري جنهن جي لاءِ چين چوي ٿو تہ تاريخي طور تي چين انهن تي حڪومت ڪندو رهيو آهي پر
ان خلاف فلپائين عالمي عدالت جو در کڙڪايو آهي ۽ عالمي عدالت فلپائن جي حق ۾ فيصلو
ڏنو آهي تہ انهن ٻيٽن تي چين جي تاريخي دعويٰ کان سواءِ چين جو ڪجھ بہ ناهي ۽ ان
فيصلي جي خلاف چين عدالت منجهان اٿي ويو. اهي سڀ معاملا چين کي نظر ۾ هوندي چين
آساني سمجهي تہ پنهنجي ڪاروبار کي مستحڪم رکڻ لاءِ اهو هي نئون گس تعمير ڪري ۽
پنهنجي صوبي سنڪ ڪيانگ کي جيڪو ترقي جي اعتبار کان الاهي پٺتي پيل آهي ۽ ايراضي جي
اعتبار کان تمام وڏو آهي نئين سر تعمير ڪري ڇو تہ سنڪ ڪيانگ رڳو پهاڙن تي مشتمل
آهي چين جي 60 سيڪڙو ايراضي آهي جنهن ۾ چين جي رڳو 6 سيڪڙو آبادي رهندي آهي باقي
94 سيڪڙو آبادي ڏاکڻي چين منجھ آهي ان لاءِ چين 46 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري سان
پاڪستان منجهان لنگھ ٺاهي رهيو آهي اهو لنگھ ڪو نئون ناهي ان بابت تاريخ ۾ هڪ ناول
بہ ملي ٿو گريٽ گيم نالي سان جنهن کي افغانستان جي شهيد صدر نجيب الله پنهنجي قوم
لاءِ پنهنجي ٻولي منجھ ترجمو ڪرڻ جو بہ سوچيو هو سنڌ ۽ سنڌي سمنڊ جيالاجي ۽
جاگرافي جي اعتبار کان سڄي دنيا جو وچ آهي جتان سڄي دنيا تائين رسائي انتهائي آسان
۽ ويجهي آهي جنهن جي ڪري چين پنهنجي عالمي سامراجي حيثيت کي تقويت ڏيڻ لاءِ ڪنهن
بہ حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي ان کي مظلوم سنڌين ۽ بلوچن جون دانهون بہ ٻڌڻ ۾ نہ
ٿيون ۽ پنجاب کي گريٽر پنجاب ۾ ربديل ڪرڻ لاءِ ڀرپور مدد ڏئي رهيو آهي اهي رستا
ڪڍي نوان شهر ٺاهي اتي انهن رستن جي تحفظ لاءِ پاڪستاني پنجابي فوج ۽ ڌارئي کي وڏي
تعداد ۾ آباد ڪيو ويندو ۽ جنهن جي لاءِ اڳواٽ حڪمت عملي ٺاهي سنڌ جي مقامي ماڻهن
کي ٺٽي منجھان بيدخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي جتي ذوالفقار آباد جهڙو اجگر شهر تعمير
ڪيو ويندو ۽ اهو شهر ڪراچي کان پنهنجي شروعات ۾ چئوڻ تي وڏو شهر هوندو 3 ڪروڙ
ماڻهن کي آباد ڪندو جيڪي سڀ ڌاريا هوندا ۽ سنڌي پنهنجي ئي ديس منجھ اقليت منجھ اچي
ويندا ۽ عالمي قانون موجب اقليتن کان ملڪ جي گهر جو ڪو بہ حق نہ رهندو آهي ۽ سنڌي
پنهنجي ئي ڌرتي تي فقير جي حيثيت کان بہ بدتر حيثيت ۾ گذارڻ تي مجبور هوندا اهڙي
صورتحال منجھ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي مستقبل کي بچائڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي آزاد ۽ خوشحال
ڏسڻ لاءِ راهداري توڙي پنهنجي قومي غلامي خلاف سجاڳ ٿي منظم سياسي جدوجهد ۽ مزاحمت
ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ڇو تہ هي نہ فقط سنڌ جي قومي غلامي بلڪہ سنڌ جي قومي زندگي ۽
قومي مو جو مسئلو آهي ۽ هي ئي اها ايجنڊا آهي جيڪا سنڌ لاءِ پنهنجي قومي آزادي
حاصل ڪرڻ جو سنهري موقعو آهي جيڪو سنڌي قوم کي تاريخ طرفان عطا ٿيو جنهن کي وڃائڻ
سنڌي قوم کي پنهنجي قومي موت کي خود سڏڻ جي مترادف ٿيندو ڇو تہ هن موقعي تي جي
سنڌي قوم پنهنجي قومي ٻڌي ۽ قومي مسئلن ڏانهن سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو تہ اهو ڏينهن
پري ناهي جڏهن سنڌ پنهنجو قومي آزادي جو تاريخي عروج حاصل ڪري، سڄي دنيا جون نظرون
سنڌ منجھ آهن ان موقعي تي سنڌي قوم کي پنهنجي گڏيل ڏاهپ کي استعمال ڪرڻ جي سخت
گهرج آهي.
Thursday, 13 October 2016
عالمي سياسي منظرنامون ۽ سنڌ جو مستقبل
دنيا ۾ جيڪا بہ سياست ٿئي ٿي جيڪا بہ چرپر ٿئي ٿي اها ساختي نہ هوندي آهي اها عمومي هوندي آهي ڇو تہ دنيا سچي هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ ڳتيل آهي جيئن هڪ گهر جي فردن جو فيملي سسٽم هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي ۽ اهي هڪٻئي تي لازم ملزوم اثر ڇڏيندا آهن ۽ فيملي تي پاڙو اثر ڇڏيندو آهي پاڙي تي شهر اثر ڇڏيندو آهي ۽ شهر تي خطي جون حالتون ۽ خطي تي ملڪ جون حالتون تهڙي ئي طرح دنيا جون حالتون ملڪن تي اثر ڇڏينديون آهن ۽ انهن جو سڌو تعلق وڃي هڪ عام زندگي گذاريندڙ سان ٿيندو آهي روزانو جي اسٽاڪ مارڪيٽ جي لاٿ يا واڌ عام انساني زندگي تي وڏا اثر مرتب ڪندي آهي ان جي معيشت تي اثر ڇڏيندي آهي تيئن ئي اها قومن تي اثر ڇڏيندي آهي ۽ وقت جي ڦيري سان قومون غلام بہ ٿينديون آهن تہ تاريخ ۾ حالتن جي تبديلي سان قومون آزاد بہ ٿينديون آهن انڪري فرد تي لازم ٿي ٿو پوي تہ اهو نہ فقط پنهنجي قوم جي حالتن کان آگاھ رهي بلڪہ سڄي دنيا منجھ ٿيندڙ چرپر تي ان جي نظر هجڻ لازم امر بڻجي ٿو پوي ۽ غلام قوم جي فرد تي اها اولين تاريخي ذميواري عائد ٿي ٿئي تہ اهو پنهنجي پسگردائي توڙي عالمي سياست کي ڏسي وائسي پنهنجي حڪمت عملين کي ترتيب ڏئي اڄ جي منهنجي مضمون جو مقصد سڄي عالمي سياسي تاريخ جي پسمنظر ۽ پيشمنظر جو جائزو وٺڻ نہ آهي ڇو تہ اهو ڪم عالمن ۽ دانشورن جو آهي اسان تہ بس هڪ ذميوار سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ جيڪو ڪجھ ڏسون پيا ان کي پنهنجي قومي ذميواري سمجهي قوم آڏو رکڻ جي فرض کي نڀائڻ جي ننڍڙي ڪوشش ٿا ڪيون ان سڄي ڳالھ رکڻ جو مقصد سنڌي قوم ۽ سجاڳ سنڌي سياسي ڪارڪن کي عالمي سياست جي رساڪشين ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جي اثر کان آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪيبورڊ جي بتڻن کي تڪليف ڏني اٿم دنيا کي ڏسجي تہ دنيا منجھ هن هلندڙ سال ئي تمام گهڻيون تبديليون رونما ٿيون آهن جن منجھ برثرپيڪار پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي راهداري معاهدو، ڏکڻ چيني سمنڊ تي چين ۽ مقامي ننڍين رياستن جي چپڪلش ترڪي ۾ بغاوت جي ڪوشش ۽ ان جي ناڪامي منظر تي آئي ۽ سڄي دنيا ۾ دائش جي دهشتگرد سرگرمين ۾ سراسري واڌ بہ سڄي دنيا جي سامهون آهي ان سان گڏوگڏ ڪردن سان آمريڪا جو کليل معاهدو سڄي دنيا جي آڏو آهي آمريڪي ڪانگريس منجھ پاڪستان کي دهشتگردي جو سهولتڪار قرار ڏيڻ لاءِ رٿ سامهون آئي آهي ۽ خطي منجھ وڏي ملڪ جنهن ۾ عالمي عدالت پاران ويٽنام جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ يعني چين ۽ پاڪستان جو سڄي دنيا اندر اڪيلو ٿيڻ جو سلسلو جاري ساري آهي انڊيا طرفان بلوچستان جي آزادي جي تحريڪ جي حڪومتي حمايت ويجهن ڏينهن جا وڏا واقعا آهن بظاهر اهي ڪجھ واقعا آهن پر مارڪس ڇواڻي تہ وقعن جي رونما ٿيڻ پٺيان تاريخ جو سڄو عمل دخل هوندو آهي هن مضمون لکڻ جو مقصد انهن واقعن جي اسبابن کي سمجهڻ ۽ ان جي رخ کان سنڌ جي حالتن جي پرخ حاصل ڪجي ترڪي ۾ بظاهر روشن خيال قوتن کي شڪست ملي آهي ۽ بغاوت ناڪام وئي آهي پر دنيا جون نظرون رجعت پسند نظرياتي رياستن تي پيون آهن جن منجھ سرفهرست سنڌ بلوچستان ۽ پختونستان کي لٺ جي زور تي غلام بڻائي رکندڙ مذهبي بيمار رياست پاڪستان سرفهرست آهي ۽ تجزئي نگارن تہ اهو بہ چوڻ شروع ڪيو تہ ٻين سرد جنگ لڳڻ جا خدشا وڌي چڪا آهن پر آئون تہ ائين چوندس تہ نئين سرد جنگ لڳڻ جا خدشا نہ وڌيا آهن پر دنيا نئين سرد جنگ جي منظرنامي منجهان گذري ٿي پئي ۽ جنگيون نہ رڳو تباهي جو سامان هونديون آهن پر اهي نون ملڪن ٺهڻ ۽ قومن جي آزادي منجھ بہ ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ هن صورتحال ۾ پاڪستان چين سان معاشي معاهدو ڪري پنهنجي تاريخ جي ڪٻاڙ کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو هي وقت آهي هي موقعو آهي سنڌي قوم لاءِ تہ تاريخ سنڌي قوم جو در کڙڪائڻ شروع ڪيو آهي تہ سجاڳ ٿي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيھ ڪري پنهنجي آزادي وٺي پنهنجي زنده هجڻ جو ثبوت ڏئي
Subscribe to:
Posts (Atom)