Sunday, 16 October 2016

پاڪستان چين اقتصادي راهداري ۽ سنڌين جي قومي وجود لاءِ درپيش خطرا

ان ڳالھ تي ڪي بہ ٻہ رايا ناهن تہ سنڌ طويل قومي غلامي منجهان گذري رهي آهي، جنهن جيڪري سنڌ جون سرحدون محفوظ ناهن، ڪير بہ ڪٿان بہ اچي سنڌ ۾ آباد ٿئي ٿو تہ ان کي ڪا جهل پل، يا ان لاءِ ڪنهن بہ قسم جو ڪو بہ قانون ناهي، ۽ جڏهن بہ پنجابين کي پنهنجي مسلمان ڀائرن سان ڪنهن بہ قسم جي ڪا بہ همدردي ڪرڻي هوندي آهي يا آباد ڪرڻو هوندو آهي تہ في سيبل الله سنڌ جو موجود آهي وءِ اهو پنجاب ۽ ڪشمير منجھ آيل زلزلي جا متاثرين هجن يا برما مان دربدر ٿيل مسلمان ڀائر هجن يا کڻي نام نهاد دهشتگردي خلاف هلندڙ پاڪستاني فاشسٽ فوج جي آپريشن جا ستايل پٺاڻ هجن سڀني کي منظم طريقي سان سرڪاري سهائتا سان سنڌ منجھ آباد ڪيو ويندو رهيو آهي اهي تہ رڳو گذريل 5 کان 6 سال جون ڪارگذاريون آهن گذريل سٺ سالن کان تہ الاهي ڪيتري ڏتڙيل مخلوق سنڌ ۾ پاڙون پختيون ڪيون آهن ۽ هاڻي تہ پاڪستان جي قانوني آبادي جي ڪنٽرول واري شعبي جي مطابق سنڌ ۾ اصلوڪا باشندا 52 سيڪڙو تہ ڌاريا وڃي 48 سيڪڙو تي پهتا آهن ۽ انهن اصلوڪن باشندن جي اقتصادي حالت صفا ڪسمپرسي واري آهي ۽ تمام گهڻين تڪليفن منجھ زندگي جي گاڏي کي ڌڪن ٿا ڇو تہ سنڌ جو سڄو اختيار راولپنڊي جي جي ايڇ ڪيو وٽ آهي جيڪو پاڪستان جي سڄي اڇي ڪاري جو مالڪ آهي ۽ اهو ئي پنجاب جي استعماري ۽ سامراجي مفاد جو محافظ آهي جيڪو سمجهي ٿو تہ جن قومن کي اسان مسلسل غلام بڻائي رکيو آهي، جن جي وسيلن جي ڦرلٽ پئي ڪئي آخرڪار اهو جڏهن بہ سجاڳ ٿيو تہ رت جا دريا بہ پار ڪري بنگلاديش جيئان پنهنجي قومي آزادي وڙهي بہ وٺندو انڪري هر سامراجي جيئان ان جي بہ اها حڪمت عملي آهي جيڪي قومون ان وٽ غلام آهن سنڌي ۽ بلوچ انهن جي ڌرتي تي لکن ڪروڙن جي تعداد ۾ پنهنجي آبادڪاري ڪري انهن جي شهرن تي قبضو ڪري انهن جي منڊين تي پنهنجو ضابطو قائم ڪري انهن جي قومي وجود کي ماري انهن جي ڌرتي مستقل طور تي حاصل ڪجي، ڇو تہ سامراجي قوت کي ڪنهن ڌرتي جي ماڻهن سان ڪابہ دلچسپي نہ هوندي آهي انهن جي دلچسپي صرف انهن قومن جي ڌرتي ۽ انهن جا وسيلا هوندا آهن جنهن جي لاءِ پنجاب سامراج شروع کان وٺي رٿون ٺاهيندو رهيو آهي ۽ انهن تي تيزي سان عمل بہ ڪندو رهيو آهي پر ويجهڙ ۾ ان لاءِ چين سان ڀاڱي ڀائيواري ڪري پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا شروع ڪئي آهي، اقتصادي راهداري سنڌ جي قومي وجود لاءِ ڪيئن خطرو اهو معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي اڳ ۾ اهو سمجهڻو پوندو تہ اقتصادي راهداري آهي ڇا؟ اقتصادي راهداري ڪجھ رستا آهن جيڪي پاڪستان چين سان گڏجي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان منجهان ٺاهيندو جيڪي وڃي چين جي صوبي سنڪ ڪيانگ جي شهر ڪاشگر سان ملندا ۽ ان سان گڏوگڏ چين گوادر تي بندرگاھ تعمير ڪندو ۽ ڪراچي جي بندرگاھ کي سڌاريندو جيئن ان رستي ذريعي چين آساني سان سعودي عرب، ايران ۽ عراق کان تيل خريد ڪري سگهي ۽ ان کي آساني سان پنهنجي ملڪ تائين پڄائي سگهي ۽ انهن سان گڏوگڏ وچ اوڀر جي رياستن تائين پنهنجي منڊي ۾ ٺهندڙ شين کي وڪڻي سگهي، چين کي اهو رستو تعمير ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي؟ چين اڳ ۾ پنهنجي سڄي خريد و فروخت عالمي منڊين سان ڏکڻ چيني سمنڊ منجهان ڪندو هيو جيڪو چين کي تمام گهڻو دير بہ لڳائندو هيو ۽ مهانگو بہ پوندو ۽ اتي ئي جپان جيڪو چين جو روايتي حريف آهي ان جي ڏکڻ چيني سمنڊ تي دعويٰ آهي تہ اهو ان جو آهي ۽  جنهن تي بہ چين جو جبري قبضو آهي نہ فقط جاپاني پر ويٽنامي توڙي فلپائيني بہ چون ٿا تہ ڏکڻ چيني سمنڊ منجھ موجود ٻيٽ انهن جي ملڪن کي ويجها آهن ۽ چين اتي پنهنجي فوجي سرگرمين کي ختم ڪري ۽ انهن ٻيٽن تان قبضو ختم ڪري جنهن جي لاءِ چين چوي ٿو تہ تاريخي طور تي چين انهن تي حڪومت ڪندو رهيو آهي پر ان خلاف فلپائين عالمي عدالت جو در کڙڪايو آهي ۽ عالمي عدالت فلپائن جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي تہ انهن ٻيٽن تي چين جي تاريخي دعويٰ کان سواءِ چين جو ڪجھ بہ ناهي ۽ ان فيصلي جي خلاف چين عدالت منجهان اٿي ويو. اهي سڀ معاملا چين کي نظر ۾ هوندي چين آساني سمجهي تہ پنهنجي ڪاروبار کي مستحڪم رکڻ لاءِ اهو هي نئون گس تعمير ڪري ۽ پنهنجي صوبي سنڪ ڪيانگ کي جيڪو ترقي جي اعتبار کان الاهي پٺتي پيل آهي ۽ ايراضي جي اعتبار کان تمام وڏو آهي نئين سر تعمير ڪري ڇو تہ سنڪ ڪيانگ رڳو پهاڙن تي مشتمل آهي چين جي 60 سيڪڙو ايراضي آهي جنهن ۾ چين جي رڳو 6 سيڪڙو آبادي رهندي آهي باقي 94 سيڪڙو آبادي ڏاکڻي چين منجھ آهي ان لاءِ چين 46 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري سان پاڪستان منجهان لنگھ ٺاهي رهيو آهي اهو لنگھ ڪو نئون ناهي ان بابت تاريخ ۾ هڪ ناول بہ ملي ٿو گريٽ گيم نالي سان جنهن کي افغانستان جي شهيد صدر نجيب الله پنهنجي قوم لاءِ پنهنجي ٻولي منجھ ترجمو ڪرڻ جو بہ سوچيو هو سنڌ ۽ سنڌي سمنڊ جيالاجي ۽ جاگرافي جي اعتبار کان سڄي دنيا جو وچ آهي جتان سڄي دنيا تائين رسائي انتهائي آسان ۽ ويجهي آهي جنهن جي ڪري چين پنهنجي عالمي سامراجي حيثيت کي تقويت ڏيڻ لاءِ ڪنهن بہ حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي ان کي مظلوم سنڌين ۽ بلوچن جون دانهون بہ ٻڌڻ ۾ نہ ٿيون ۽ پنجاب کي گريٽر پنجاب ۾ ربديل ڪرڻ لاءِ ڀرپور مدد ڏئي رهيو آهي اهي رستا ڪڍي نوان شهر ٺاهي اتي انهن رستن جي تحفظ لاءِ پاڪستاني پنجابي فوج ۽ ڌارئي کي وڏي تعداد ۾ آباد ڪيو ويندو ۽ جنهن جي لاءِ اڳواٽ حڪمت عملي ٺاهي سنڌ جي مقامي ماڻهن کي ٺٽي منجھان بيدخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي جتي ذوالفقار آباد جهڙو اجگر شهر تعمير ڪيو ويندو ۽ اهو شهر ڪراچي کان پنهنجي شروعات ۾ چئوڻ تي وڏو شهر هوندو 3 ڪروڙ ماڻهن کي آباد ڪندو جيڪي سڀ ڌاريا هوندا ۽ سنڌي پنهنجي ئي ديس منجھ اقليت منجھ اچي ويندا ۽ عالمي قانون موجب اقليتن کان ملڪ جي گهر جو ڪو بہ حق نہ رهندو آهي ۽ سنڌي پنهنجي ئي ڌرتي تي فقير جي حيثيت کان بہ بدتر حيثيت ۾ گذارڻ تي مجبور هوندا اهڙي صورتحال منجھ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي مستقبل کي بچائڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي آزاد ۽ خوشحال ڏسڻ لاءِ راهداري توڙي پنهنجي قومي غلامي خلاف سجاڳ ٿي منظم سياسي جدوجهد ۽ مزاحمت ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ڇو تہ هي نہ فقط سنڌ جي قومي غلامي بلڪہ سنڌ جي قومي زندگي ۽ قومي مو جو مسئلو آهي ۽ هي ئي اها ايجنڊا آهي جيڪا سنڌ لاءِ پنهنجي قومي آزادي حاصل ڪرڻ جو سنهري موقعو آهي جيڪو سنڌي قوم کي تاريخ طرفان عطا ٿيو جنهن کي وڃائڻ سنڌي قوم کي پنهنجي قومي موت کي خود سڏڻ جي مترادف ٿيندو ڇو تہ هن موقعي تي جي سنڌي قوم پنهنجي قومي ٻڌي ۽ قومي مسئلن ڏانهن سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو تہ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ پنهنجو قومي آزادي جو تاريخي عروج حاصل ڪري، سڄي دنيا جون نظرون سنڌ منجھ آهن ان موقعي تي سنڌي قوم کي پنهنجي گڏيل ڏاهپ کي استعمال ڪرڻ جي سخت گهرج آهي.

No comments:

Post a Comment