Thursday, 13 October 2016

عالمي سياسي منظرنامون ۽ سنڌ جو مستقبل

دنيا ۾ جيڪا بہ سياست ٿئي ٿي جيڪا بہ چرپر ٿئي ٿي اها ساختي نہ هوندي آهي اها عمومي هوندي آهي ڇو تہ دنيا سچي هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ ڳتيل آهي جيئن هڪ گهر جي فردن جو فيملي سسٽم هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي ۽ اهي هڪٻئي تي لازم ملزوم اثر ڇڏيندا آهن ۽ فيملي تي پاڙو اثر ڇڏيندو آهي پاڙي تي شهر اثر ڇڏيندو آهي ۽ شهر تي خطي جون حالتون ۽ خطي تي ملڪ جون حالتون تهڙي ئي طرح دنيا جون حالتون ملڪن تي اثر ڇڏينديون آهن ۽ انهن جو سڌو تعلق وڃي هڪ عام زندگي گذاريندڙ سان ٿيندو آهي روزانو جي اسٽاڪ مارڪيٽ جي لاٿ يا واڌ عام انساني زندگي تي وڏا اثر مرتب ڪندي آهي ان جي معيشت تي اثر ڇڏيندي آهي تيئن ئي اها قومن تي اثر ڇڏيندي آهي ۽ وقت جي ڦيري سان قومون غلام بہ ٿينديون آهن تہ تاريخ ۾ حالتن جي تبديلي سان قومون آزاد بہ ٿينديون آهن انڪري فرد تي لازم ٿي ٿو پوي تہ اهو نہ فقط پنهنجي قوم جي حالتن کان آگاھ رهي بلڪہ سڄي دنيا منجھ ٿيندڙ چرپر تي ان جي نظر هجڻ لازم امر بڻجي ٿو پوي ۽ غلام قوم جي فرد تي اها اولين تاريخي ذميواري عائد ٿي ٿئي تہ اهو پنهنجي پسگردائي توڙي عالمي سياست کي ڏسي وائسي پنهنجي حڪمت عملين کي ترتيب ڏئي اڄ جي منهنجي مضمون جو مقصد سڄي عالمي سياسي تاريخ جي پسمنظر ۽ پيشمنظر جو جائزو وٺڻ نہ آهي ڇو تہ اهو ڪم عالمن ۽ دانشورن جو آهي اسان تہ بس هڪ ذميوار سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ جيڪو ڪجھ ڏسون پيا ان کي پنهنجي قومي ذميواري سمجهي قوم آڏو رکڻ جي فرض کي نڀائڻ جي ننڍڙي ڪوشش ٿا ڪيون ان سڄي ڳالھ رکڻ جو مقصد سنڌي قوم ۽ سجاڳ سنڌي سياسي ڪارڪن کي عالمي سياست جي رساڪشين ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جي اثر کان آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪيبورڊ جي بتڻن کي تڪليف ڏني اٿم دنيا کي ڏسجي تہ دنيا منجھ هن هلندڙ سال ئي تمام گهڻيون تبديليون رونما ٿيون آهن جن منجھ برثرپيڪار پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي راهداري معاهدو، ڏکڻ چيني سمنڊ تي چين ۽ مقامي ننڍين رياستن جي چپڪلش  ترڪي ۾ بغاوت جي ڪوشش ۽ ان جي ناڪامي منظر تي آئي ۽ سڄي دنيا ۾ دائش جي دهشتگرد سرگرمين ۾ سراسري واڌ بہ سڄي دنيا جي سامهون آهي ان سان گڏوگڏ ڪردن سان آمريڪا جو کليل معاهدو سڄي دنيا جي آڏو آهي آمريڪي ڪانگريس منجھ پاڪستان کي دهشتگردي جو سهولتڪار قرار ڏيڻ لاءِ رٿ سامهون آئي آهي ۽ خطي منجھ وڏي ملڪ جنهن ۾ عالمي عدالت پاران ويٽنام جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ يعني چين ۽ پاڪستان جو سڄي دنيا اندر اڪيلو ٿيڻ جو سلسلو جاري ساري آهي انڊيا طرفان بلوچستان جي آزادي جي تحريڪ جي حڪومتي حمايت ويجهن ڏينهن جا وڏا واقعا آهن بظاهر اهي ڪجھ واقعا آهن پر مارڪس ڇواڻي تہ وقعن جي رونما ٿيڻ پٺيان تاريخ جو سڄو عمل دخل هوندو آهي هن مضمون لکڻ جو مقصد انهن واقعن جي اسبابن کي سمجهڻ ۽ ان جي رخ کان سنڌ جي حالتن جي پرخ حاصل ڪجي ترڪي ۾ بظاهر روشن خيال قوتن کي شڪست ملي آهي ۽ بغاوت ناڪام وئي آهي پر دنيا جون نظرون رجعت پسند نظرياتي رياستن تي پيون آهن جن منجھ سرفهرست سنڌ بلوچستان ۽ پختونستان کي لٺ جي زور تي غلام بڻائي رکندڙ مذهبي بيمار رياست پاڪستان سرفهرست آهي ۽ تجزئي نگارن تہ اهو بہ چوڻ شروع ڪيو تہ ٻين سرد جنگ لڳڻ جا خدشا وڌي چڪا آهن پر آئون تہ ائين چوندس تہ نئين سرد جنگ لڳڻ جا خدشا نہ وڌيا آهن پر دنيا نئين سرد جنگ جي منظرنامي منجهان گذري ٿي پئي ۽ جنگيون نہ رڳو تباهي جو سامان هونديون آهن پر اهي نون ملڪن ٺهڻ ۽ قومن جي آزادي منجھ بہ ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ هن صورتحال ۾ پاڪستان چين سان معاشي معاهدو ڪري پنهنجي تاريخ جي ڪٻاڙ کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو هي وقت آهي هي موقعو آهي سنڌي قوم لاءِ تہ تاريخ سنڌي قوم جو در کڙڪائڻ شروع ڪيو آهي تہ سجاڳ ٿي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيھ ڪري پنهنجي آزادي وٺي پنهنجي زنده هجڻ جو ثبوت ڏئي

No comments:

Post a Comment